سچل سـرمست محبتون ڪا پيامبر

سچل سـرمست محبتون ڪا پيامبر

سچل سرمست محبتون ڪا پيامبر

سچل سـرمست - محبتون ڪا پيامبر (ڪتاب): هـي اردو ڪـتاب سچل سرمست جي شخصيت، زندگي، شاعري ۽ فڪر بابت مشهور عالم ڊاڪٽر طاهر تونسويءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو پهريون ورق (ٻه اکر) سچل چيئر جي اڳوڻي ائڊيشنل ڊائريڪٽر الطاف اثيم لکيا آهن ۽ پيش لفظ ليکڪ خود لکيو آهي. جنهن بعد اڳوڻي وائيس چانسلر عبدالرحيم ملڪ جا ٻه اکر ڏنا ويا آهن.
فاضل ليکڪ ڪتاب کي هيٺين عنوانن هيٺ ورڇي لکيو آهي:
(1) سچـل سـرمـسـت ايـڪ تعارف، (2) سچل سرمست ڪي ڪلام ڪي نظري و فڪري اساس، (3) سچل سرمست رومان ڪي راهون پر، (4) سچل سرمست ڪي شاعري ڪي موضوعات،
(5) سچل سرمست صوفي شاعرون ڪي سرخيل، (6) محبـتـون ڪـا پيامبر- سچل سرمست، (7) فرموداتِ سچل ڪا آئينه خانه، (8) سچل سرمست ڪا منتخب ڪلام. الف: سرائيڪي ڪلام، ب: اردو ڪلام.
ڊيمي سائيز ۾ 109 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، آگسٽ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو